ملير (رپورٽر) ڏوڪري جي ڳوٺ محمد خان چانڊيو واسي قربان علي چانڊيو، محمد اسلم چانڊيو، اصغر علي چانڊيو، غلام نبي چانڊيو ۽ ٻين ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري دانيهندي چيو ته اسان جو ماروٽ مير محمد چانڊيو جيڪو سامٽيا اسٽاپ تي واقع پنهنجي جنرل اسٽور تي ويٺل هو، ان مٿان فائرنگ ڪئي وئي، نتيجي ۾ هو مارجي ويو هو، جنهن کي بااثرن فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي، واقعي جا شاهد مارڪيٽ جا ماڻهو آهن، هنن چيو ته ان واقعي سان اسان جو ڪو تعلق نه آهي، مقتول جا ڀائر اسان جي ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي رهيا آهن، هنن چيو ته اسين ڪافي عرصي کان وٺي ملير جي علائقي شاھ لطيف ۾ رھائش پذير آھيون، اسان جي گهرن تي حملا ڪيا پيا وڃن، هنن مطالبو ڪيو ته مامري جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.