ملير ۾ ڪي اليڪٽرڪ ۽ پوليس سان دادا گيري ڪندڙ شهري گرفتاري بعد معافي وٺي ڇڏي

0
515

ملير (ن پ ا) ملير ۾ ڪي اليڪٽرڪ عملدار ۽ پوليس سان دادا گيري ڪندڙ شهري آفتاب بلوچ گرفتاري بعد معافي وٺي ڇڏي، ميمڻ ڳوٺ ۾ شهري آفتاب بلوچ جي ڪي اليڪٽرڪ ۽ پوليس عملدارن کي گارگند ڪرڻ سان گڏ ڌمڪيون ڏنيون هيون، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد آفتاب بلوچ کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، آفتاب بلوچ گرفتاري بعد بيان ۾ چيو آهي ته پوليس سان جهيڙي ۽ تلخ ڪلامي تي سموري پوليس کاتي کان معافي وٺان ٿو، منهنجي عمل سان پوليس وارن جي دل آزاري ٿي، اُن تي شرمسار آهيان، اڳتي هر حڪم تي عمل ڪندس ۽ پوليس وارن سان عزت سان پيش ايندس.