ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 70 مريض فوت، 4 هزار 825 نوان ڪيس ظاهر

0
275
پاڪستان ۾ ڪورونا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ 70 مريض فوت ٿي ويا، جنهن بعد وبا وگهي فوتين جو ٽوٽل انگ 17 هزار 187 ٿي ويو، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 4 هزار 825 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن ۽ ڪورونا ڪيسز مثبت اچڻ جي شرح 9.61 رهي، سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 4234 مريض ڪورونا کان صحتاب ٿي ويا، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 6 لک 94034 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد 278545 ٿي ويو، جڏهن ته 4599 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 290788 آهي ۽ 7990 ماڻهو وائرس وگهي حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو تعداد 21743 آهي ۽ 232 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، ڪي پي ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 114077 ٿي ويو ۽ 3134 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ، جڏهن ته گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعداد 73450 آهي ۽ هن وقت تائين 665 مريض فوت ٿي چڪا آهن.