ملير مان گرفتار 4 افغاني شهرين کي جيل موڪلڻ جو حڪم

0
243

ملير جي عدالت بحريا ٽائون مان گرفتار چئن افغاني شهرين کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

پوليس طرفان گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيلن ۾ دولت خان پٽ سرور، خيال محمد پٽ مولاداد، ظھور پٽ سهيل خان ۽ بشيرخان پٽ خدائي داد شامل آھن

 گرفتار افغاني شھرين خلاف سرڪار جي مدعيت ۾ گڏاپ ٿاڻي تي فارين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

پوليس موجب جوابدارن اعتراف ڪيو آهي ته اسين افغان شھري آھيون

 ملير جي عدالت جوابدارن کي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو

ھي به پڙھندا

ماهوٽا پيلس ڪيس: سڀاڻي چوندئو ته انهن پاڪستان ٺاهي غلطي ڪئي: عدالت

سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ پنجاب ۽ بلوچستان پوليس کان مدد وٺڻ جو اعلان