ملالا يوسفزئي جا ٻوڏ متاثر علائقن جا دورا، متاثرن سان ملاقات

0
358

دادو/جوهي(نمائندن وٽان) نوبل انعام يافتا ملالا يوسفزئي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ لاءِ دادو پهچي وئي

ملالا يوسفزئي ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا ٻڌا، ملالا يوسفزئي جوهي جي رليف ڪيمپس جو دورو به ڪيو

ملالا يوسفزئي چيو آهي ته ٻوڏ سبب سنڌ ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، متاثر عورتن ۾ وڏو انگ ڳورهاري عورتن جو آهي، هنن جي صحت جو گهڻو خيال ڪرڻو پوندو

Malala Shooting: 10 Jailed For Life Over Attack | World News | Sky News

صحت واري وزير عذرا پيچوهو، تعليم وارو وزير سردار شاهه ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ملالا يوسفزئي جي دوري سان سنڌ ۾ انساني بحران جو آواز عالمي سطح تائين پهچندو، ملالا پاران سنڌ جي دوري جو مقصد ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ آهي

ھي به پڙھندا

نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي 7 سالن کانپوءِ پاڪستان پهچي وئي