سنڌي ٻولي ۽  اسٽالنزم خلاف مزاحمت

0
304
 سنڌي ترجمن جي ڪَلا ! 

  لينن يورپي مارڪسزم مان متاثر هو،   1898ع ۾ هن رشن سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽي  ٺاهي  جنهن جا در روس جي هر قوم جي ورڪر لاءِ کليل رکيائين ڇو جو لينن عالمي ۽ عوام دوست انقلابي  هو.  يوڪرين، پولنڊ، جارجيه آرمينيه جي قومي بورجوازي   جي زارشاهي سان  ملي ڪري قومي سوال   تي ورڪرن جي  باهمي فسادن کي غلط سمجهندو هو. لينن  1913ع ۽ 1920ع ۾سوين صحفن تي قوميت ۽ بيٺڪيتي سوال بابت  محتاط  تجزيا ڪيا آهن. بيٺڪي ملڪن جي حوالي سان  سامراج خلاف قومي آزاديءَ جي تحريڪن ۾ قومي بورجوازيءَ سان عبوري اتحاد جي ڳالهه  ڪئي اٿائين، ان  ڪري موقعي پرست انقلابي اڄ به لينن کي وڏيرن جي حمايت لاءِ  استعمال ڪري سگهن ٿا،  پر اها ڳالهه وساري ويندي آهي ته 1917ع ۾ لينن روس ۾ قومي بورجوازي جو دشمن ٿي بيٺو هو ۽ عوامي انقلاب آندو هئائين.  اسٽالن جهڙي خراب ليڊر جي هٿن ۾    عالمي عوامي انقلاب اڌورو رهجي ويو. غور ٿيڻ گهرجي ته ستر سالن جي آزادي بعد وڏيرا  نيولبرل سرمائيدار ۽ اسٽالني  انقلابين هوندي به  ايشيا ۽ آفريڪا جي عوام کي غربت مان آجپو ڇو نه مليو آهي؟

يورپ ۽ آمريڪا ۾ فاشزم ڇو اٿي رهيو آهي؟  طارق علي جي Stalinist Legacy    ڪتاب اهي فڪري مونجهاري دور ڪري ڇڏيا آهن.  سنڌي سماج ۾ اسٽالنزم جي اثرن تي به تحقيق ڪئي وڃي. مثال عاصم آخوند  فڪر جي آزادي ڪتاب ۾  اسٽالن جي هڪ پاسائين  حمايت ڪئي آهي، اسٽالن پاران پراڻن بالشويڪن جي قتلن ۽ عالمي انقلاب سان ويساهه گهاتي کي نظرانداز ڪري ويو آهي. ڪامنٽرن جو   پراڻو ردي  تعصبي پروپئگينڊا اڄ به  اردو ٻولي تان  ترجمو ڪري سنڌي ٻولي ۾  ڦهلائي پيو وڃي. سنڌي دانشورن ۽ مترجمن جي غير عوامي سياسي تعصبن خلاف سنڌي ٻولي  وسيلي مزاحمت  ٿيڻ گهرجي. هڪ ٻيو مسئلو  به غور طلب آهي  ته  طارق علي ۽ عاصم سجاد اختر جهڙا سٺا اسڪالر  انگريزي يا اردو  ٻولين ۾ جرئتمنديءَ سان ماضي تي تنقيد ڪندا آهن، اعليٰ معياري  سنڌي دانشورن جي کوٽ آهي جيڪي نئين سوشلزم  ۽ عالمگيريت جو محاورو سنڌي ٻولي ۾ متعارف ڪرائين  ته جيئن فيروز احمد جي  1970ع ۾ لکيل هن ڳالهه جو جواب ڏئي سگهجي ته سنڌي ٻولي سدائين فيوڊل مزاج واري رهڻي آهي! اسٽالنيت خلاف به مزاحمت ٿي سگهي انگريزي ڄاڻيندڙ  عوام دوست مترجم چاهن ته  ترجمن  وسيلي  آزادي ءَجو فڪر  به سماج ۾ ڀرتي ٿيندو سنڌ جي تجريبڪار اسڪالرن  کي بنا رک رکاءُ جي  واسطيداري  ٽٽڻ جي خوف مان نڪري سنڌي ليفٽ  تي تنقيدي راءِ ڏيڻي پوندي جيڪا پاڻ کي تبديل ناهي ڪري سگهي.

بالشويڪ پارٽي تي 1924ع  کان 1953ع تائين  اسٽالن جي آمريت هئي، اسٽالن لينن جي مقابلي ۾ سٺو ليڊر ثابت نه ٿيو، انقلاب جي عالمگيريت جو منڪر هو،  قومي سوشلزم جي دفاع لاءِ هر اتحاد جائز سمجهندو هو، مارڪسزم جو هر اصول ٽوڙيندو هو ۽  پارٽي جي ڇانو ۾  دليلن بدران  ساٿين کي  ذليل ڪرڻ جي رسم عام ڪري ويو جيڪا پوسٽ ڪولونيئل سماجن ۾ ڪاپي به ڪئي وڃي ٿي. لينني بالشويڪن نومبر 1917ع ۾  روس جي جنرل اليڪشن  ۾ ٻين سياسي پارٽين سان مقابلو ڪيو هو،  بالشويڪ پارٽي کي اڪثريتي ووٽ مليا هئا پر مينشويڪن ۽ سوشل ريووليُوشنرِيز  پارلياماني سازش ۾ متحد ٿي بالشويڪن کي حڪومت نه ڪرڻ ڏني جنهن تي  لينن  قانون ساز اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي هئي. روس ۾  بالشويڪ آمريت  قائم ٿي، پنج سالن تائين  لينن عوام جي ڀلائي ۽ عالمي انقلاب لاءِ سخت محنت ڪئي. سندس  ليڊرشپ جي اثر ۾  جلاوطن ٿيل سڀ انقلابي روس موٽي آيا  ۽ لينن جا مددگار ٿيا.  ٽراٽسڪيءَ  جنهن کي اڌ اکري اسٽالن قتل ڪرايو،  تنهن جا لينن سان  اختلاف به ٿيندا هئا لينن  پارٽيءَ ۾  دليلن وسيلي اختلافن جو مقابلو ڪندو هو ڇو جو هن جو وسيع مطالعو هو. ٽراٽسڪي 1920ع ۾ جڏهن انتظاميه خلاف  ورڪرن جي ٽريڊ يونين جي حقن جو ڪيس وڙهيو ۽  عملدارشاهي جي ڪرپشن ڏانهن ڌيان ڇڪايو ته لينن ٽراٽسڪي کي دليلن سان معاشي ترقي لاءِ  انتظاميه جي اڳواڻي جو قائل ڪيو.

 گڏوگڏ بيوروڪريسي خلاف قدم به کنيائين. ٽراٽسڪيءَ جرمني ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ زور ڀريو تنهن تي به لينن هن کي بريسٽ لٽووسڪ معاهدي لاءِ راضي ڪيو،  امن ڏئي ٿڪل عوام کي آٿت ڏني وئي، واعدو ڪيائين ته سوويٽ رياست  کي مضبوط ڪري عالمي انقلاب لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي. ٽراٽسڪي کي اختلاف راءِ رکڻ تي واجب القتل  قرار نه ڏنو هئائين.لينن جي موت کان پوءِ  ستر سالن تائين انقلاب جي  مرحليوار ورن وڪڙن واري  ڊگهي مسلسل جدوجهد جي راهه ۾  پارٽي ۽ شاهوڪار ليفٽ ڪاموراشاهي عوام  جا مسئلا حل نه ڪري سگهي جنهن جي ڪري گورباچوف گورڪن بنجي  ليفٽ  آمريت  ۽  ڪاموراشاهي جو راڄ ختم ڪرايو.1930ع واري ڏهاڪي ۾  انقلابي صورتحال هئي،  ڪامنٽرن چين، اسپين، جرمني ۾ ڪٿي به انقلاب نه آڻي سگهي، جرمني ۾  سوشل ڊيموڪريسي جي سرڪار ڏهه سالن ۾  ورساءِ معاهدي ۾  ڦاٿل جرمني جا ڏکيا مسئلا  حل نه ڪري سگهي هئي،   بي روزگار جرمن عوام جي نااميدي جو ترجمان  هٽلر بڻيو. هٽلر هنن کي وڏا خواب ڏيکاريا ته جرمني جلد ئي سپر پاور بڻائي ويندي، ورساءِ معاهدي جي خلاف ورزي ڪري جرمن فوج کي ٻئين عالمي جنگ لاءِ تيار ڪندو ۽ ايشيائي آفريڪي بيٺڪيتن ۾  جرمن هارين ۽ مزدورن لاءَ زمين ۽ ملڪيت حاصل ڪئي ويندي.

اسٽالن 1939ع ۾ هٽلر سان معاهدو ڪيو، ساڳئي وقت ٽراٽسڪي جي هٽلر سان سازش واري  شڪ ۾ پراڻن بالشويڪن جو عدالتي قتل ڪرايو ويو.  هٽلر  1941ع ۾  سوويٽ يونين تي حملو ڪري عظيم غلطي ڪئي، هٽلر جي بيوقوفين جو فائدو اسٽالن کي پيو. هن آمريڪا ۽ انگلينڊ سامراج سان اتحاد ڪيو، انڊيا ۾ ڪميونسٽ انگريز سان ملي ويا جنهن جو فائدو ڪانگريس پارٽي کي ٿيو ڇو جو  هندستان خالي ڪيو واري پاليسي عوام ۾  ڪانگريس مقبول ٿي وئي. ٻئين مهاڀاري لڙائي ۾ جپان ۽ جرمن   سامراج  کي  روڪيو ويو، جلد ئي  سامراجي طاقتن  ۽  اسٽالن پروڪسيز وسيلي  سرد جنگ شروع ڪئي ۽ نيوڪليئر هٿيارن جي ڊوڙ ۾ مقابلا ٿيڻ لڳا. چين ۾  آمريڪا ڪومن ٽانگ کي مدد مهيا ڪئي ۽ اسٽالن  چين جي شهري پرولتاريه کي 1925ع کان  ڪمزور رکي،  هارين جي هٿياربند وين گارڊ  تيار ڪرايو، هٿياربند هارين ۾ مائو مقبول ليڊر بنجي ويو هو،   1943ع ۾  مائوزي تنگ  کي ڪميونسٽ پارٽي جو تاحيات چيئرمين چونڊيو ويو، ننڍڙي اسٽالن جو جنم ٿيو. چين ۾ مارڪسزم تي وڏي ٺٺول ڪئي وئي  ڇو جو مارڪسزم ۾ هارين  کي رجعتي ڦرڻا گهرڻا عنصر سمجهيو ويندو آهي جن کي پرولتاري پارٽي هيٺ ئي رهڻو آهي. مائو On Practice  مضمون ۾  هارين کي ڪتابن بجاءِ عمل تي زور ڏيڻ جي تلقين ڪئي، هاري مارڪسزم جو ڳوڙهو اڀياس هونئن به ڪهڙو ڪري سگهن ها. چنڊو چنڊي کي ڪوهه تي ڳولي لهي مصداق مائوزي تونگ  کي   اسٽالن  ڳولي لڌو ۽ ٻنهي ۾ وڏي ۽ ننڍي ڀاءَ جهڙا تعلق رهيا، 1949ع ۾  چين ۾  اسٽالن قومي سوشلزم جو  ڪامياب تجربو ڪيو. (پڙهو  Roland    Lew  جو مضمون _ مائوازم اسٽالنزم ۽ چين انقلاب )  اسٽالني قومي سوشلزم  اڻسڌي طرح عالمي سامراج  کي فائدو پهچايو، پوسٽ ڪالونيئل ملڪن ۾ ڪميونسٽن کي قومي بورجوازي  آڏو جهڪائي رکيائين ۽ مارڪس اڄ به ڪتابن ۾ قيد آهي.