مسلمان هجڻ تي نشانو بڻايو پيو وڃي: زرين خان

0
283

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا زرين خان جي هڪ ويڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي مذهب اسلام بابت ڳالهائي رهي آهي.ويڊيو ۾ زرين خان کان مداحن جي تنقيد بابت سوال ڪيو ويو، جنهن تي اداڪارا چيو ته مان مسلمان آهيان، تنهن ڪري شايد ماڻهو مون کي وڌيڪ نشانو بڻائيندا آهن

هن چيو ته مان قرآن شريف ٻه ڀيرا مڪمل پڙهيو آهي، پنهنجي مذهب اسلام بابت چڱي ريت ڄاڻان ٿي.سندس چوڻ هو ته اسلام ۾ اهو به آهي ته ڪنهن تي دٻاءُ وجهي ڪا شئي نٿا سيکاري سگهو، جڏهن خدا وٽ ويندئو ته توهان پنهنجي لاءِ پاڻ جوابده هوندئو ۽ مان پنهنجي لاءِ، پوءِ ڪهڙي ضرورت آهي ٻئي کي ڪجهه سيکارڻ جي