عورتون راندين جي سرگرمين ۾ حصو نٿيون وٺي سگهن: افغان طالبان پابندي لڳائي ڇڏي

0
395

ڪابل (اسپورٽس نيوز) طالبان ڪابل ۾ عورتن جي راندين جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. افغان خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪابل ۾ اڪثر اسپورٽس ڪلبز جي مالڪن ٻڌايو آهي ته عورتن کي راندين جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ناهي، ڇو جو افغان طالبان پابندي لڳائي ڇڏي آهي

صحت سان واڳيل سرگرمين جي اجازت هوندي. افغان ميڊيا موجب امارات اسلاميه جو چوڻ آهي ته عورتن کي اسلامي قدرن ۽ افغان ثقافت سان واڳيل راندين جي سرگرمين جي اجازت ڏني وئي آهي. ڪابل ۾ تائي ڪوانڊو جي ڪوچ طاهره سلطاني جو چوڻ آهي ته هوءَ گذريل 8 سالن دوران نه رڳو قومي پر عالمي سطح تي ڪيترائي ايوارڊ پنهنجي نانءُ ڪري چڪي آهي. طاهره سلطاني موجب جڏهن طالبان اقتدار ۾ آيا ته انهن ورزش جي اجازت نه ڏني، جڏهن مون اسپورٽس ڪلب سان رابطو ڪيو ته ٻڌايو ويو ته اُتي عورتن جي ورزش لاءِ کوليل سينٽر بند ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ طالبان طرفان عورتن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي به لڳائي هئي.