عدت گذارڻ کانسواءِ شادي بي قاعده آھي، باطل نه : لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو

0
307
هي ته گنجو آ! گهوٽ

لاھور: لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو آهي ته عدت گذارڻ کانسواءِ شادي کي بي قاعده يا فاسد چئي سگھجي ٿو پر باطل قرار نٿو ڏئي سگهجي

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي ضياءَ باجوا، امير بخش جي درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. امير بخش جو خيال هو ته هن جي اڳوڻي زال آمنه هڪ طرفي طور عدالت کان نڪاح رد ڪرائڻ جو فيصلو ورتو ۽ ٻئي ڏينهن اسماعيل نالي هڪ شخص سان شادي ڪئي

درخواستگذار جو چوڻ ھو ته چيو ته عدت پوري ڪرڻ کانسواءِ ٻي شادي زنا جي زمري ۾ اچي ٿي، ان ڪري آمنه ۽ اسماعيل خلاف زنا جو ڪيس داخل ڪيو وڃي

عدالت فيصلي ۾ چيو ته درخواستگذار جي موقف کي درست مڃي به وٺون تڏھن به شادي باطل ناھي، عدالت فيصلو ڏنو ته عدت پوري ڪرڻ کان سواءِ شادي ڪندڙ جوڙي کي زنا جو ڏوهاري نه ٿو قرار ڏئي سگهجي