مدينو شريف (م ڊ) مسجد نبويءَ ۾ تراويح پڙهائيندڙ پيش امام شيخ محمد بن خليل القاري لاڏاڻو ڪري ويو، سندس جنازي نماز مسجد نبوي ۾ ادا ڪئي ويندي.پرڏيهي ميڊيا موجب شيخ محمد بن خليل القاري مديني ۾ قائم مسجد قبا ۾ پيش امام هو ۽ مسجد نبوي ۾ تراويح جي امامت ڪندو هو، هو ڪالهه مديني ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. شيخ محمد بن خليل القاري جو تعلق آزاد ڪشمير جي راڄڌاني مظفر آباد سان هو، سندس جنازي نماز مسجد نبوي ۾ ادا ڪئي ويندي ۽ تدفين به مديني ۾ ئي ٿيندي. سعودي اختيارين قاري محمد بن خليل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي سندس مغفرت ۽ سندن پونيئرن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.