اسلام آباد (بيورو رپورٽ) افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي چيو آھي ته افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن جي موجودگي بابت  پروپگنڊا بي بنياد آھي ، ٽي ٽي پي جي حوالي سان ذميواري ادا ڪئي ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي ويهاريو ، ٽي ٽي پي ۽ پاڪستاني اختياريون گڏجي ويهي ڳالهيون ڪن ، اسان پنهنجي سرزمين پاڪستان سوڌو ڪنهن ملڪ خلاف به استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سان واپاري راهداري، اقتصادي، ڪاروباري تعلقات کي هٿي ڏيڻ اسان جي ترجيح آهي، افغانستان، ڏکڻ ايشيا ۽  وچ ايشيا کي  جوڙڻ لاءِ پنهنجون ڪاوشون ڪري رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان کي مسئلن جي حل  لاءِ لچڪ ڏيکاري روشن مستقبل جي طرف وڌڻو پوندو، هن چيو ته افغانستان ۽ پاڪستان کي انتهائي ڳنڀير سياسي ۽ سيڪيورٽي چيلينجون سامهون آهن، پاڪ، افغان ڀائرن جي لاءِ گڏيل منصوبن، سرمائيڪاري، واپار ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن، ٻئي ملڪ گڏيل منصوبا شروع ڪن ته عوامي خوشحالي پري ناهي، پاڙيسري ۽ ڀائر ملڪ پاڪستان، ايران، ترڪي، سعودي عرب، قطر سميت ٻين سان بهترين تعلقات پيدا ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته افغانستان ۾ 44 سالن کان پوءِ پائيدار امن قائم ٿي چڪو آهي،  ڪنهن به ملڪ کي افغانستان جي سرزمين کي بغير اجازت استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آهي،  تحريڪ طالبان پاڪستان جي خاتمي جي باري ۾ پڇيل سوال جي جواب ۾ افغاني وزير چيو ته اسلامي امارات پاڪستاني حڪومت سان گڏجي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، تحريڪ طالبان ٻه سال اڳ ٺهندڙ تنظيم نه  آهي، تحريڪ طالبان ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽياڪڙي ڪري اسلامي امارات پنهنجو فرض نڀايو، پاڪستان موجب پاڪستان ٽي ٽي پي جي هٿان 80 هزار جانيون وڃايون، وڌيڪ خون خرابو نه ٿا چاهيون، پاڪستان ۾ ڪنهن قسم جو عدم استحڪام نه آهي، پائيدار امن چاهيون ٿا، پاڪستان جي حڪومت ۽ ٽي پي پي کي استدعا آهي ته اهي ويهن ۽ ڳالهيون ڪن، هن چيو ته اسان هن وقت تائين پنهنجي واعدن ۾ ڪامياب رهيا آهيون، افغانستان ۾ دهشتگرد عنصرن جي موجودگي جي 20 سال پراڻي پروپيگنڊا آهي، افغانستان ۾ ڪنهن دهشتگرد گروهه جو ڪو وجود نه آهي، هن چيو ته پاڪ، چين، افغان ٽه ڌري اجلاس ۾ طئي ٿيو ته ڪو به هڪ ٻئي جي خلاف زميني يا هوائي حدون استعمال ٿيڻ نه ڏيندو، افغانستان ۾ آيل 48 ملين ڊالر ڪابل کي نه، غير سرڪاري تنظيمن ۽ اقوام متحده خرچ ڪيا، افغانستان جا 9 ارب ڊالر منجمند آهن جيڪي واپس ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن جي به حڪومت اچڻ سان ڪو فرق نه پوندو، هن چيو ته  افغانستان ۾ هڪ ڪروڙ ٻار، ٻارڙيون تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، هزارين عورتون استاد ۽ 14 هزار عورت هيلٿ ورڪرز آهن، اسان جون ٻارڙيون ۽ عورتون مدرسن ۾ وڃن ٿيون، عورتون استاد به آهن،  عورتن جي اعليٰ تعليم کي غير اسلامي نه چيو آهي، اعليٰ تعليم جي باري ۾ پهرين حڪم کان پوءِ جامعاتي تعليم بند آهي، ٻئي حڪم جو انتظار آهي. افغانستان ۾ اسان جي حڪومت کي 20 مهينا ٿي چڪا آهن، ڪيترن ئي مسئلن تي اسان ضابطو آڻي چڪا آهيون.