مذهبي اقليت جي نياڻين جي اغوا جا واقعا

0
315
مذهبي اقليت جي نياڻين جي اغوا جا واقعا

  پاڪستان دنيا جو اُھو ملڪ آھي، جتي 98 سيڪڙو مسلمان رھن ٿا ۽ صرف 2 سيڪڙو غير مسلم رھن ٿا ۽ ان ۾ وري اڪثريت ھندو سنڌين جي آھي، جيڪي سنڌ جا اصل ڌرتي ڌڻي پڻ آھن. مگر افسوس سنڌ ۾ جبري طرح مذهب تبديل ڪرائڻ جون دانهون ٿينديون رهن ٿيون. قائداعظم محمد علي جناح 11 اگسٽ 1947 تي آئين ساز اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيو ھو رياست جو انسانن جي عقيدي ۽ مذھب سان ڪو تعلق ناھي ۽ ھاڻي اوھان سڀئي ھن ملڪ جا شھري آھيو. مگر افسوس ته قائد اعظم جي تقرير جيڪا ھڪ تاريخي تقرير ھئي، ان جي آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊ مان ئي گم ٿي وئي. ھينئر ان جو صرف اسڪرپٽ موجود آھي.

                 ھن ملڪ جا شھري پوري دنيا جي مسلمانن لاءِ ڳالھائيندا آھن، پر جيڪو ڪجھ پاڪستان ۾ مذهبي اقليتن سان ٿئي ٿو، ان تي خاموش رھن ٿا. دنيا جو ڪو به اھڙو ملڪ ناھي، جتي مذهبي اقليت جا ماڻهو ايترا خوف ۾ رھندا ھجن، جيترا پاڪستان ۾ رھن ٿا. اسلام پڻ اقليتن جي حقن جي حفاظت جي ڳالھ ڪري ٿو. جڏھن رياست مدينه وجود ۾ آئي، ان وقت يھودين کي پڻ ان جو حصو تسليم ڪيو ويو ھو مگر ھن ملڪ ۾ اسلامي رياست جي ته ڳالھ ٿيندي رھي ٿي پر اقليتن جي حقن جي حفاظت نٿي ٿئي.

ڪجھ ماڻھو جيڪي نه اخبار پڙھن ٿا، نه وري انھن کي ملڪ جي آئين جي ڪا خبر چار آھي، ڪتاب پڙھڻ جو رواج اڳ ئي ختم ٿي چڪو آھي، اُھي رڳو سوشل ميڊيا تي سطحي درجي جا بحث پڙھي ۽ متاثر ٿي ان کي صحيح سمجھندا آھن، مگر انھن کي مسئلن کي سمجھڻ جي صلاحيت ئي نه ھوندي آھي، جيئن ڪنھن مسئلي جو گھڻ رخو جائزو وٺي سگھن. گھڻا ماڻھو ائين چوندا آھن ته مذهبي اقليت جون نوجوان ڇوڪريون پنھنجي مرضي سان مذهب تبديل ڪري رھيون آھن. ان جو واحد سبب سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز جي ڀر مار آھي. 13 کان 14 سالن جي نوجوان ڇوڪري ڪيئن ڪنھن ٻئي مذھب کان متاثر ٿي سگھي ٿي؟ اسان جي سنڌ جو انتھائي قدامت پسند ماحول آھي، اُتي ننڊڙا ٻار ته وڏن کان به وڌيڪ پنھنجي مذھب کي صحيح سمجھن ٿا، اُتي اُھو ممڪن ئي ناھي ته ڪا 13 يا 14 سالن جي ڇوڪري ٻئي مذهب کان متاثر ٿئي. ٻيو سوال اھو آھي ته رڳو نوجوان ڇوڪريون ڇو متاثر ٿي رھيون آھن، وڏيون پوڙھيون عورتون ۽ مرد نوجوان توڙي پوڙھا متاثر ڇو نٿا ٿين؟

1947 ۾ مسلمانن جي جيڪا موجوده پاڪستان ۾ آبادي ھئي، ھينئر ٻيڻ کان به وڌي وئي آهي، پر ھندو سنڌين جي آبادي وري تمام گھڻو سُڪڙجي وئي آهي. ڪافي ھندو برادري جا ماڻهو جيڪي پاڻ کي سنڌ ۾ محفوظ نٿا سمجھن، اُھي ٻين ملڪن ڏانهن هليا ويا آھن، اڪثريت انڊيا ھلي وئي آھي. ڪنھن انسان لاءِ پنھنجي ڌرتي ھميشه لاءِ ڇڏڻ ايترو آسان نه ھوندو آھي. سنڌ جا ڪافي ھندو جيڪي انڊيا ويا آھن، اُھي سنڌ کي ھر پل ياد ڪن ٿا. انھن جي زندگي جون يادون، مِٽ مائٽ، مذھبي جڳھيون سنڌ ۾ آھن. تنھنڪري ضرورت انھيءَ ڳالھ جي آھي ته سنڌ جي ماڻھن کي ھندو سنڌين جي حفاظت ڪرڻ گھرجي. ڪنھن به ڌرتي جي اقليتي برادري ان ڌرتي جي خوبصورتي ھوندي آھي ۽ آئون سمجھان ٿو ته سنڌي هندو سنڌ ۾ سڀني رھندڙن ماڻھن کان وڌيڪ امن پسند ۽ امن سان پيار ڪرڻ وارا ماڻھو آھن. سنڌ ۾ اڳ ئي ڌاري آبادي جو تمام وڏو خطرو آھي ۽ سنڌين جي، پنھنجي ڌرتي تي اقليت ۾ تبديل ٿي وڃڻ جو خطرو موجود آهي. افسوس جو سنڌ جو ماڻھو ان ڳالھ جو اندازو ئي نٿو ڪري. اگر اسان جا سنڌي سنڌ ڇڏي ويا ته پوءِ اسين تمام جلد اقليت ۾ اچي وينداسين. افسوس جو سنڌ جا ماڻھو اڃان اھڙي سنجيده مسئلي تي به آواز نٿا اٿارين، جيترو اٿارڻ گھرجي.