ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر کي به پنهنجو مداح بڻائي ڇڏيو آهي. زمابوي خلاف پهرين ٽي ٽوئنتي ميچ ۾ شاندار پرفارمنس ڏيکاريندڙ محمد رضوان تي تصبرو ڪندي شعيب اختر چيو ته محمد رضوان ۾ چالاڪي ۽ ڦڙتي ٻئي آهن. هن چيو ته رضوان کي خبر آهي ته ڪهڙي ريت کيڏڻو آهي ۽ راند کي ڪيئن آخري بال تائين پهچائڻو آهي. شعيب اختر چيو ته عثمان قادر شاندار بالنگ ڪئي، جيڪڏهن هو وڪيٽون نه وٺي ها ته پاڪستان ميچ نه کٽي سگهي ها.