لاهور (اسپورٽس نيوز) انضمام الحق ٽاپ ٿري کانسواءِ ٻين بيٽسمينن کي ٽيل اينڊرز قرار ڏئي ڇڏيو. زمبابوي جهڙي ڪمزور ٽيم خلاف وڏي مشڪل سان حاصل ڪاميابي تي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق پاڪستاني بيٽنگ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.پنهنجي يوٽيوب چينل تي هن چيو ته مڊل آرڊر گرين شرٽس جي ڪمزو ڪڙي ثابت ٿي رهي آهي، ان شعبي ۾ تمام گهڻي بهتري جي ضرورت آهي، ائين محسوس ٿئي ٿو ته ٽاپ ٿري بيٽسمينن کانپوءِ ٽيل اينڊرز ڪريز تي پيا اچن.هن چيو ته وڏي نصيب جي ڳالهه آهي جو ٽاپ آرڊر بيٽنگ مسلسل بهترين پرفارم ڪندي ميچ کٽرائي رهي آهي نه ته ايڏي ڪمزو مڊل آرڊر جي ڪري وڏي مشڪل کي منهن ڏيڻو پوي ها.