ميرپور ماٿيلو (ن پ ا) پ پ ايم اين اي خالد لنڊ چيو آھي ته تبديلي سرڪار ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏي آيو، پ پ واحد پارٽي آھي، جيڪا عوام جا اھنج ختم ڪري سگھي ٿي، اھڙو اظھار ھن ميرپور ماٿيلي شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ٽن آر او پلانٽس جي افتتاح دوران خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو، خالد لنڊ چيو ته گھوٽڪي ضلعي جي اڪثر علائقن جو پاڻي خراب ٿي ويو آھي، جنهن سبب تمام گھڻي آبادي مختلف بيمارين ۾ وٺجي وئي آھي، تنهن ڪري صاف پاڻي مھيا ڪيو پيو وڃي، ھن چيو ته ماضي ۾ به سنڌ ۾ پ پ خلاف اتحاد جڙيا آھن پر اھڙا اتحاد ٺاھيندڙن کي مايوسي نصيب ٿي آھي، ان موقعي تي اڳوڻو ميونسپل چيئرمين شھباز لنڊ، اسسٽنٽ ڪمشنر شھريار ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جو انجنيئر رئوف ڪولاچي سميت وڏي انگ ۾ شھري موجود ھئا.