بدين (رپورٽر) اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو ويجهو ساٿي ۽ يونين ڪائونسل 3 جو اڳوڻو ڪائونسلر وڪيل محمد عيسيٰ ملاح، مرزا گروپ کان سياسي راھون ڌار ڪري ڇڏيو. پنجويهن سالن کان ذوالفقار مرزا سان گڏ رھندڙ وڪيل محمد عيسيٰ ڪالهه هڪ بيان جاري ڪري مرزا گروپ کي الوداع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان کان علاوه سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو پيغام ۾ سندس چوڻ هو ته ويجهن ساٿين سان صلاح مشورا ھلندڙ آهن، جلد ڪنھن سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويندو.