خانپورمهر (ن پ ا)خانڳڙھ جي مهر هائوس (لکي بنگلو) ۾ پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش مهر پاران اتحادين جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ اين اي 205 سان لاڳاپيل مختلف برادرين جي چڱن مڙسن توڙي پ پ سان لاڳاپيل ڪارڪنن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي. خانڳڙھ جي گوهر پيلس ۾ 3 ڏينهن اڳ پ پ مخالف جي اجلاس بعد رٿيل هن گڏجاڻي ۾ پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر ،صوبائي صلاحڪار مير بنگل خان مهر، سردار احمد علي خان مهر آيل مهمانن جو استقبال ڪيو، ان موقعي تي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي محمد بخش مهر جو چوڻ هو ڪورونا سبب ملاقاتون ڪٽيل رھيون، دل چيو ته اوھان سان ملاقات ڪريان گڏجي ماني کائجي ان لاءِ جي گڏجاڻي رکي. ھن وڌيڪ چيو ته آئون اها ئي سياست ڪري رهيو آهيان جيڪا سياست منهنجي والد صاحب ڪئي هئي، هن چيو ته ترقياتي ڪمن جي حوالي سان تڪ جي ڪنهن به ماڻهوءَ کي نظر انداز نه ڪيو ويندو، هر هڪ کي اوليت جي بنياد تي ترقياتي ڪمن ۾ شامل ڪيو ويندو، گڏجاڻي ۾ آيل ماڻهن کي وڌيڪ خطاب ڪندي محمد بخش خان مهر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن منهنجي بنگلي تي مونسان لاڳاپيل ڪو به ماڻهو ڪم جي مد ۾ يا نوڪري جي حوالي سان اوهان کان رشوت طلب ڪري ته ان جو مونکي فوري اطلاع ڏنو وڃي ڇاڪاڻ ته ان ماڻهو جي مونکي ضرورت ئي نه آهي جيڪو ماڻهو منهنجي نالي تي اوهان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري.