لکي غلام شاھ (رپورٽ:فھيم حيدر منگي) لکي غلام شاھ لڳ ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي مزدا ڊرائيور قتل، ڪلينر زخمي، قومي شاهراهه تي ڌرڻو، ان ڏس ۾  لکي غلام شاھ ٿاڻي جي حد سکر_ شڪارپور روڊ جهان خان چوڪي ڀرسان بصر کڻي ويندڙ مزدا کان نامعلوم ھٿياربندن ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربند مزدا ڊرائيور جيڪب آباد واسي نوجوان نعمت اﷲ بروهي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو،  جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب مزدا ڪلينر لياقت بگٽي سخت زخمي ٿي پيو، پوليس مقتول جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو، ٻي طرف واقعي بعد بروهي برادري جي مير احمد، محمد ايوب بروھي، شوڪت علي بروھي،اقبال احمد بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سکر_ شڪارپور روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڪيس داخل ڪرڻ بعد احتجاج ختم ڪرايو. هوڏانهن پوليس ڳوٺ مڏ کوسا ڀرسان چڙھائي  ڪري ھڪ شڪي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايچ او طالب حسين ميمڻ موجب ته  نياز عرف احمد کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آهي وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.