شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ سنديپ ڪمار جي موبائلن جي دڪان مان 18لک رپين جي ماليت جون موبائل فونون چوري ٿي ويون، واقعي خلاف دڪاندارن پاران موبائل مارڪيٽ کي تالا ھڻي شٽربند ھڙتال ڪري شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين دڪاندارن حنان شيخ، عابد علي بروھي،  نعمان غوري، آدريش ڪمار، اعجاز سومرو، طارق مگسي، سنديپ ڪمار ۽ ٻين دانهيندي چيو ته چورن رات جو دير سان دڪان جي ڇت ڀڃي دڪان ۾ پيل 18 لک رپين جي ماليت جون مھانگيون موبائل فونون چوري ڪري ويا آهن، شهر ۾ بدامني آهي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، نوٽيس وٺي امن قائم ڪرايو وڃي.