پاڪستان ڊيفالٽ ڪري ويو ته فرق نه پوندو: آصف زرداري

0
208

وهاڙي: اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته پاڳل خان ملڪ جو اهڙو خانو خراب ڪيو آهي، جو ڏُکيائين سان پار ٿينداسين، ماڻهن اهڙي بيوقوف کي وزيراعظم ڪرايو، جنهن وٽ ڪا سوچ ئي ناهي، هو اڄ به سمجهي ٿو ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، هو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ان جاءِ تي واپس اچڻ گهري ٿو، جتان کيس نيڪالي ڏني وئي هئي

وهاڙي ۾ تقريب کي خطاب دوران آصف زرداري چيو ته پاڪستان ڊيفالٽ ڪري ويو ته فرق نه پوندو، جاپان، آمريڪا ۽ برطانيا به ڏيوالي کي منهن ڏنو آهي

هن چيو تهاسلام آباد جا ڪامورا نٿا سمجهن، وقت ايندو ته رڳو اسان فيصلا ڪنداسين ۽ ملڪ اڳتي وڌندو

آصف زرداري چيو ته هي ملڪ ڪنهن هڪ طبقي جو نه، پر اسان سڀني جو آهي، اسان کي موقعو مليو ته سمورن صوبن جا مسئلا حل ڪنداسين

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته غريب جي دانهن الله ضرور ٻڌندو، الله جي گهر ۾ دير آهي پر انڌير ناهي، اسان کي موقعو مليو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڇڏينداسين

هي به پڙهندا

سرڪاري ادارن ۽ جاين تي نالا رکڻ لاءِ ڪميٽي قائم: ڪراچي ۾ ڪابه جاءِ شيخ اياز جي نالي سان ناهي، ڇا ڪراچي سنڌ ناهي؟ عدالت

پيٽرول نه مليو: آدمشماري ڪندڙ عملو گڏهه تي چڙهي ڳڻپ ڪرڻ لڳو، وڊيو وائرل