ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڊجيٽل آدمشماري ۾ ڊيوٽي ڪندڙ عملي جو ڪنوينس الائونس سميت ٻيون سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج، ڪم ڇڏ هڙتال، مظاهرا، ڌرڻا، ڏيپلو ۾ هڪ يوسي جا بلاڪ ٻئي يوسي ۽ ڪجهه بلاڪ ٻئي تعلقي ۾ شامل ڪري ڳڻپ ٿيڻ جا اطلاع، خبر موجب نصيرآباد ۾ آدمشماري عملي ڪنوينس الائونس نه ملڻ خلاف عبدالوحيد سيهڙ، عبدالوهاب بروهي، بخت جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اي سي آفيس ڌرڻو هنيو، فيض گنج ۾ استادن ادب هيسباڻي، عابد ۽ علي نواز جي اڳواڻي ۾ اي سي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، راڻيپور ۾ سهولتون نه ملڻ خلاف استادن ارشد اميني، غلام مصطفيٰ شاھاڻي، هاشم ميمڻ، زاهد واطڻي، سڪندر ميمڻ، نويد ڀاڳت، انور سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري اي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، بدين ۾ آدمشماري جي ڊيوٽي ڪندڙ استادن سھولتون فراهم نه ٿيڻ خلاف ڊي سي آفيس اڳيان علي اڪبر شاهه، نور محمد سومرو، درمحمد ڀرڳڙي، محمد سليم ترڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، سنجهورو ۾ آدمشماري عملي فيول ايڊجيسٽمينٽ نه ملڻ خلاف عبدالرحمان خاصخيلي، مظفر لغاري، ياسر ميتلو، مقبول لغاري، ظھير عباس يوسفزئي جي اڳواڻي ۾ اي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ٺاروشاهه ۾ آدمشماري عملي تيل جا پئسا نه ملڻ ۽ سيڪورٽي نه ڏيڻ خلاف راجا فيصل سومرو، ناظم پنهور، عبدالجبار راڄپر، سرمد ڪيريو، عرفان مير ڪلو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ڏيپلو ۾ شهر سميت ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾ ھڪ يونين ڪائونسل جا بلاڪ ٻئي يوسي ۽ ڪجهه بلاڪ ٻئي تعلقي ۾ شامل ڪري ڳڻپ ٿيڻ جا اطلاع آهن، ان ڏس ۾ پ پ ضلعي صدر انجنيئر گيانچند ٿاراڻي اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ڏيپلو ۾ ڳوٺ ٽوڙڻ خلاف لکت ۾ درخواست ڏيڻ بعد پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ڪيو، ھن چيو ته ٽائون ڪاميٽي ڏيپلو جي سرھول پاڙو ۽ ٻين محلن کي ديهه ڏيپلو مان ڪڍي ديهه سارڻ ۾ ڄاڻايو ويو، جڏھن ته يو سي جهرمريو جا ڳوٺ يوسي مالڻاڇهو ۾ ۽ يوسي سوڀيار جو ڳوٺ ڪڪراڙيو کي مٺي تعلقي جي يوسي ۾ ڳڻيو ويو آھي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته انتظاميا ڊجيٽل آدمشماري لاءِ ماسترن جون ڊيوٽيون ته لڳايون پر کين ڪنهن به قسم جي سهولت ناهي ڏني وئي، هنن چيو ته اسان ماستر ڪٿان پنهنجي گاڏين ۾ پيٽرول ڀرائي آدمشماري واري قومي فرض کي پورو ڪيون، هنن مطالبو ڪيو ته هر ڳڻپ ڪار ماستر کي 500 روپيا فيول ايڊجيسٽمينٽ جي مد ۾ ادا ڪيا وڃي، جسم اڳواڻ نواز شاهه ڀاڏائي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيئي سنڌ محاذ پهرين ڏينهن کان  ڊجيٽل آدمشماري جي مخالفت ڪئي هئي ۽ چيو هو ته اهو هڪ فراڊ ۽ دوکو آهي، اهو سڀ ڪجهه سنڌي ماڻهن جي پيرن هيٺان ڌرتي کسڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي.