لکي غلام شاهه (ن پ ا) لکي غلام شاهه لڳ 2 نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا، وارثن کان 50 لک ڀنگ طلب، مغوين جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل، پوليس خاموش. خبر موجب نئون ڳوٺ واسي ٻه نوجوان پورھيت واجد علي ۽ عبدالقيوم ابڙو عورتاني آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب ٻئي نوجوان هڪ هفتو اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويا، جنهن بعد نوجوانن جي وارثن ايس ايس پي شڪارپور سان ملاقات ڪري آگاهي ڏني، جنهن کانپوءِ پوليس پاران ٻنهي ڄڻن جي فون ٽريس ڪئي وئي جنهن جا سگنل غوثپور ويجهو ڪچي واري علائقي ۾ ملڻ بعد بند ٿي ويا. ڪجهه ڏينهن بعد ڌاڙيلن وارثن سان فون ذريعي نوجوانن جي ڳالھه ٻولهه پڻ ڪرائي، جنهن بعد ٻنهي نوجوانن جي اغوا جي تصديق ڪئي وئي. ان ڏس ۾ ڌاڙيلن فون ڪري ٻنهي نوجوانن جي آزادي عيوض 50 لک ڀنگ طلب ڪري ورتو آهي. ڌاڙيلن پاران نوجوانن جي وارثن کي فوري ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ کين قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون آهن. ٻنهي نوجوانن جي اغوا ٿيڻ تي سندن گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي، نوجوانن جي وارثن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڌاڙيلن فون تي 50 لک ڀنگ گهريو آهي ۽ نوجوانن سان فون تي ڳالھه ٻولهه پڻ ڪرائي آهي، جنهن ۾ هو روئي رهيا هئا ۽ تشدد جون دانهون ڪري رهيا هئا، هنن چيو ته هو انتهائي مسڪين آهن، ڀنگ جي رقم ڪٿان ڏئي سگهندا. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته ٻنهي نوجوانن جي بازيابي لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن.