ڊرائيور جانور بچائيندي ڪارابراهم لنڪن جي گهر ۾ داخل ڪري ڇڏي

0
225

ميساچيوسيٽس (دلچسپ نيوز) ڊرائيور جانور بچائيندي ڪارابراهم لنڪن جي گهر ۾ داخل ڪري ڇڏي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ميساچيوسيٽس جي علائقي هنگم ۾ انوکو حادثو پيش آيو، 19 ورهين جي نينگري جانور بچائڻ جي ڪوشش ۾ هوش وڃائي ويٺي، نينگري پنهنجي تيزرفتارڪاراڳوڻي آمريڪي صدر ابراهم لنڪن جي تاريخي گهر ۾ داخل ڪري ڇڏي، ڪار گهر جي هڪ بيڊ روم ۾ هلي وئي جنهن سبب عمارت کي پڻ نقصان پهتو جڏهن ته اطلاع ملڻ تي فائربرگيڊ عملي پهچي نينگري جي مدد ڪئي ڪار ٻاهر ڪڍي، واضح رهي ته اهو تاريخي گهر اڳوڻي آمريڪي صدر ابراهم لنڪن 1650 ۾ تعمير ڪرايو هو جڏهن ته ان گهر/ڏسو صفحو 8 بقايا 02
۾ ابراهم لنڪن جا 7 نسل رهي چڪا آهن حادثي وقت به گهر جا ڀاتي موجود هئا پر اهي گهر جي مٿئين حصي ۾ هجڻ سبب محفوظ رهيا.