ڪراچي: تعليم کاتي ۾ 5 مهينن دوران 29 ضلعن ۾ پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جون وڌيڪ 5600 جايون خالي، 29 ضلعن جي ڊي اِي اوز پاران خالي جاين جا تفصيل تعليم کاتي جي اختيارين حوالي، دادو ضلعي جي ڊي اِي او پرائمري ۽ ڊي اِي او سيڪنڊري پاران اڃا تائين خالي جاين جا تفصيل اختيارين حوالي نه ڪيا، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته تعليم کاتي جي اختيارين جي هدايتن بعد ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد، گھوٽڪي، بدين، سجاول، عمرڪوٽ، مٽياري، ڄامشورو، سکر، خيرپور، ڪنڌڪوٽ ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، ٽنڊوالهيار، سانگھڙ سميت 29 ضلعن جي ڊي اِي اوز پاران گذريل 5 مهينن ۾ خالي ٿيل پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي خالي جاين جا تفصيل تعليم کاتي جي اختيارين حوالي ڪيا ويا آهن.، مجموعي طور تي 29 ضلعن ۾ پي ايس ٽيز جون 4 هزار ۽ جي اِي ايس ٽيز جون وڌيڪ 1600 جايون خالي ڄاڻايون ويون آهن. واضح رهي ته دادو ضلعي جي ڊي اِي او پرائمري ۽ ڊي اِي او سيڪنڊري پاران هن وقت تائين سخت هدايتن باوجود ضلعي ۾ 5 مهينن دوران خالي ٿيل جاين جا تفصيل اختيارين جي حوالي نه ڪيا ويا آهن.