ڪراچي: سنڌ ۾ ٽيچنگ لائسنس لاءِ درخواستون جمع ڪرائيندڙ اميدوارن کان 28 جنوري تي ٽيسٽ ورتي ويندي، آءِ بي اي پاران 4 هزار کان وڌيڪ اميدوارن جا ايڊمٽ ڪارڊ 24 جنوري تي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيا ويندا. ان حوالي سان آءِ بي اي اختيارين پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ته سنڌ ۾ ٽيچنگ لائسنس جي لاءِ مختلف ضلعن کان درخواستون جمع ڪرائيندڙ مجموعي طور تي 4 هزار کان وڌيڪ اميدوارن کان آءِ بي اي سکر پاران ٽيسٽ ورتي ويندي، اختيارين موجب ته اميدوارن کي 24 جنوري تي ايڊمٽ ڪارڊ به ويب سائيٽ تان ملي سگھندا.