ٽيڪسٽ بورڊ ۽ سيف ۾ پنهنجا نوازي، ڪيترن ئي ملازمن جي سياسي ڀرتين جو انڪشاف، جاچ شروع

0
218
ٽيڪسٽ بورڊ ۽ سيف ۾ پنهنجا نوازي، ڪيترن ئي ملازمن جي سياسي ڀرتين جو انڪشاف، جاچ شروع
ٽيڪسٽ بورڊ ۽ سيف ۾ پنهنجا نوازي، ڪيترن ئي ملازمن جي سياسي ڀرتين جو انڪشاف، جاچ شروع

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سميت تعليم کاتي جي ماتحت 16 ادارن ۾ سياسي سفارشن تي ڪيترائي ملازم ڀرتي هجڻ جو انڪشاف

تعليم کاتي جي نگران صوبائي وزير جي هدايتن بعد سفارشي ڀرتين واري معاملي جي انڪوائري شروع، سيڪريٽري تعليم پاران سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيش، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، پائيٽ ۽ ٻين ادارن جي سربراهن کان ڀرتين جا تفصيل گھرائي ورتا، 7 ڏينهن اندر تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ ادارن جي سربراهن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي

ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ تعليم کاتي جي ماتحت 16 ادارن سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، سنڌايجوڪيشن فائونڊيشن (سيف)، پائيٽ نوابشاھ، مانيٽرنگ اينڊ ايويليشن، لٽريسي اينڊ نان فارمل ايجوڪيشن، سنڌ ايجوڪيشن پاليسي ڪميشن، ڪرڪيولم اسيسمينٽ اينڊ ريسرچ ڄامشورو، پي پي پي نوڊ پراجيڪٽ، ريفارم سپورٽ يونٽ ( آر ايس يو)، اسٽيڊا، ٽيچرس ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۽ سليڪٽ پراجيڪٽ سميت 16 ادارن ۾ سياسي بنيادن تي ڪيترائي ملازم ڀرتي هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي تعليم واري نگران صوبائي وزير رعنا حسين جي هدايتن بعد اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري پاران انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي

ان سلسلي ۾ اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري شيرين ناريجو پاران ڄاڻايل سمورن ادارن جي ڊائريڪٽر جنرلز، ايم ڊيز ۽ سينيئر ڊائريڪٽرن سميت ٻين سربراهن کي خط لکي سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته سندن لاڳاپيل ادارن ۾ جيڪي به سياسي طور تي سفارشي ڀرتي ٿيل ملازم آهن انهن جي تفصيلي فهرست تعليم کاتي جي حوالي ڪئي وڃي

سيڪريٽري پاران سربراهن کي لکيل خط ۾ اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته سمورا تفصيل 7 ڏينهن اندر انڪوائري ڪميٽي حوالي ڪيا وڃن. ڏنل مُدي تائين سياسي ڀرتين جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ ادارن جي سربراهن کي ڪاروائي جو به چتاءُ ڏنو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڄاڻ موجب ته تعليم کاتي جي ماتحت 16 ئي ادارن ۾ سياسي بنيادن تي ٿيل ڀرتين واري معاملي تي اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي اختيارين پاران انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي

لکين نوجوان بيروزگار، استادن جون 5600 جايون خالي، تفصيل اختيارين حوالي

ڪراچي: تعليم کاتي ۾ 5 مهينن دوران 29 ضلعن ۾ پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جون وڌيڪ 5600 جايون خالي، 29 ضلعن جي ڊي اِي اوز پاران خالي جاين جا تفصيل تعليم کاتي جي اختيارين حوالي

دادو ضلعي جي ڊي اِي او پرائمري ۽ ڊي اِي او سيڪنڊري پاران اڃا تائين خالي جاين جا تفصيل اختيارين حوالي نه ڪيا، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته تعليم کاتي جي اختيارين جي هدايتن بعد ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد، گھوٽڪي، بدين، سجاول، عمرڪوٽ، مٽياري، ڄامشورو، سکر، خيرپور، ڪنڌڪوٽ ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، ٽنڊوالهيار، سانگھڙ سميت 29 ضلعن جي ڊي اِي اوز پاران گذريل 5 مهينن ۾ خالي ٿيل پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي خالي جاين جا تفصيل تعليم کاتي جي اختيارين حوالي ڪيا ويا آهن

مجموعي طور تي 29 ضلعن ۾ پي ايس ٽيز جون 4 هزار ۽ جي اِي ايس ٽيز جون وڌيڪ 1600 جايون خالي ڄاڻايون ويون آهن. واضح رهي ته دادو ضلعي جي ڊي اِي او پرائمري ۽ ڊي اِي او سيڪنڊري پاران هن وقت تائين سخت هدايتن باوجود ضلعي ۾ 5 مهينن دوران خالي ٿيل جاين جا تفصيل اختيارين جي حوالي نه ڪيا ويا آهن