خيرپور (رپورٽر) نگران صوبائي وزير بلديات، بحاليات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ محمد مبين جماڻي بينظير ڀٽو يونيورسٽي خيرپور پهچي پرائم منسٽر ليپ ٽاپ پروگرام تحت يونيورسٽي جي 45 شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش مهر مالي معاملن، ضرورتن، تعميراتي ڪم ۽ ٻين اپائن تي تفصيل سان بريفنگ ڏني، تقريب کي خطاب ڪندي مبين جماڻي چيو ته فخر جي ڳالهه آهي ته يونيورسٽي جو وائس چانسلر بهتر نموني سان ڪاروهنوار هلائي رهيو آهي، هن چيو ته اسان جو ڪلچر اسان کان پري ٿي ويو آهي، سنڌي زبان پري ٿيندي ٿي وڃي، پنهنجي پاڻ جي سڃاڻپ ياد رکو، هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي مبين جماڻي چيو ته ضلعي جي ٽائون آفيسرن، ميونسپل آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته منهنجي دور 4 کان 5 مهينن ۾ ڪيترا فنڊ مليا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي خرچ ٿيا آهن، ڪجهه رڪارڊ مليو آهي، جمعي تائين وقت ڏنو آهي، جنهن جي انڪوائري ڪئي ويندي، يوسين جي ڪروڙين رپين جي بجيٽ جي پڻ مڪمل تفصيل گهريو آهي، گوسڙو ملازمن جون نوڪريون چٽ ڪيون وڃن، هن چيو ته خيرپور ۽ ڪوٽڏيجي ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ ڊرينيج بابت جلد مسئلو حل ڪيو ويندو، هڪ سوال جي جواب ۾ نگران صوبائي وزير چيو ته اليڪشن مهم دوران لوڪل گورنمينٽ جي مشينري جي استعمال بابت شڪايت ايندي ته انڪوائري ڪري ايڪشن کنيو ويندو، ٻئي پاسي مبين جماڻي جي صدارت هيٺ ضلع ڪائونسل خيرپور جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ضلعي چيف آفيسر يوسف شيخ، ريجنل ڊائريڪٽر خليل احمد ميمڻ سميت خيرپور، فقير آباد، ڪوٽڏيجي، ڪنب، پريالوءِ، گمبٽ ۽ ٻين علائقن جي چيئرمينن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ نگران صوبائي وزير ضلعي خيرپور جي سمورين يوسين، ٽائون ۽ ميونسپل ڪميٽين کي اوزي ٽي شيئرز، ٻي آمدني، ڪيل ترقياتي ڪمن ۽ پگهارن جو 19 آگسٽ کان 15 جنوري تائين جو مڪمل رڪارڊ ڏيڻ جون هدايتون ڪيون، ان موقعي تي مبين جماڻي جو چوڻ هو ته سموريون يوسي، ٽائون ۽ ميونسپل ڪميٽيون 48 ڪلاڪن اندر پنهنجي لاڳاپيل ملازمن جا مڪمل تفصيل فراهم ڪن.