سکر (بيورو رپورٽ) شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ هڪ طرف گلن جي نمائش ته ٻئي طرف گرمي جي آمد باوجود وڻن جي واڍي به جاري، يونيورسٽي انتظاميا وڏن وڻن کي نرسري ٻوٽن جي واڌ ويجهه ۾ رڪاوٽ قرار ڏئي ڇڏيو. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور اندر مختلف هنڌن ميٿاميٽڪس، لائبريري، نرسري ۽ اسپورٽس ڪامپليڪس جي ڀرپاسي ماحول ۽ اداري جي سونهن بڻيل وڻن جي واڍي ڪئي وئي. ٻئي پاسي انتظاميا جي عدم دلچسپي ۽ سارسنڀال نه ٿيڻ سبب وڻ سُڪڻ لڳا. ذريعن ان حوالي سان ٻڌايو ته وڏي تعداد ۾ وڻ وڍڻ بعد لڪ چوريءَ ۾ ٽرڪون ڀرائي قيمتي ڪاٺ وڪرو ڪيو ويو آهي. وڻن جي واڍي سبب گرميءَ دوران شاگرد ۽ شاگردياڻيون قدرتي ڇانوري کان محروم ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي لطيف يونيورسٽي خيرپور جي ترجمان  پروفيسر تاج لاشاري ٻڌايو ته وڏا وڻ نرسري ۽ ننڍن ٻوٽن جي ويجهه ۾ مسئلو پيدا ڪري رهيا هئا، جنهن ڪري اتان ڪٽرايا ويا. ان کان علاوه مختلف هنڌن تي ڪريل وڻ وڍرايا ويا آهن. هن وڻن جون ٽرڪون ڀرائي وڪرو ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ وڍيل وڻن وارو ڪاٺ يونيورسٽيءَ ۾ ئي موجود  آهي، جنهن جو اداري جي قاعدن موجب آڪشن ڪيو ويندو.