لطيف اڄ جو شاعر

0
880

شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري ۾ سنڌي سماج جو عڪس سمايل آهي،سندس شاعري ۾ دل کي ڇهندڙ ۽ ان وقت جي حالتن جا احوال ملندا.تنهن وقت جي جذن ۽ امنگن جي ترجماني ڪندڙ احساس، خيال ۽ جذبا  به ملندا جن ۾ ڪائنات جا سمورا رنگ ،حسين نظارا،پکي پکڻ، ماڻهو،جانور، سنڌ جي زراعت ،هتان جا پورهيت ،هاري، حڪمران،ڌرتي تي ڌارين جون ڪاهون،ريتون رسمون،سندس بيتن ۽ داستانن ۾ چٽيون ۽ دل ۾ پيهي ويندڙ حقيقتون به ملنديون.

                 لطيف جي شاعري جي ٻولي جيڪا اڄ به جهرجهنگ ۾ ٻڌي ۽ ڳائي وڃي ٿي. جيڪا سندس  آفاقي شاعر هئڻ جي نشاني آهي. شاهه سائين جي دور ۾ جيتوڻيڪ سنڌ ۾ عربي ۽ فارسي ٻولين جو غلبوهو پر شاهه سائين پنهنجي پوري شاعري ۽ سموري تخليق ۾تنهن وقت جي ڌارين ٻولين جي لفظن کي پنهنجي شاعري ۾ استعمال نه ڪيو. پر هن پنهنجي ديس ۽ اتان جي اصلي ٻولي ڳالهائيندڙن جي ٻولي کي پنهنجي شاعري ۾ ڪم آڻي وطن پرستي ۽ قوم جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪئي.

اڄ  ٽي صديون گذرڻ کانپوءِ به سندس ٻولي امر ۽ سنڌ جي مروج ٻولي آهي. لطيف دنيا جو اهو واحد شاعر آهي جنهن جي هر سٽ توڙي بيت کي ڳائي سگھجي ٿو.شايد ئي ڪو اهڙو شاعر دنيا ۾ هجي. جنهن جي شاعري لطيف جي شاعري جيان ڳائي ويندي هجي، صدين کان وٺي اڄ به سندس شاعري کي سندس فقير بنا ڪنهن وقفي جي روزانو رات کان صبح جي ڀنڀرڪي مهل تائين ڳائيندا پيا اچن. سندس شاعري ۽ شخصيت جا مداح سنڌ توڙي هند ۾سندس  شاعري کي نسل در نسل ڳائيندا پيا اچن.ان جو هڪ سبب اهو پڻ آهي ته سندس  اظهاريل ٻولي ۾ روزمره جي استعمال وارا لفظ، فصاحت ۽ بلاغت جن ۾ سنڌ جي هنرن کان وٺي تاريخي ڪردارن، سنڌ جي ماڳن مڪانن جو ذڪر، سندس شاعري ۽ بيتن ۾موجود آهي، شاهه سائين جون چيل سٽون،۽ محاورا اڄ به سنڌ ۾ عام ماڻهو به استعمال ڪندا رهن ٿا.

شاهه سائين جي مشهور سورمي مارئي جو داستان، مارئي جي وطن سان وفا ۽ حب الوطني مقبول ۽ مشهور آهي، جيڪا پنهنجي مارن  ۽ وطن سان ي پناهه محبت ۽ اڪير رکي ٿي جنهن کي لطيف  پنهنجي شاهڪار ٻولي جي ذريعي، ڌرتيَ ماءَ جي گود ۾ مارئي جي سمائڻ واري خواهش کي  ڪمال نموني سان پيش ڪيو آهي ته

واجهائي وطن کي، آئون جي هت مياس

گور منهنجي سومرا ڪج پنهوارن پاس

ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس

ميائي جياس،جي وڃي مڙهه ملير ڏي.

مٿين سٽن ۾ مارئي جي وطن سان محبت ۽ پنهنگي مڙهه جي به پنهنجي ملڪ ملير ۽ ماروئڙن ۾ دفنائڻ جي خواهش پنهنجي ديس سان محبت ۽ حب الوطني جو عظيم مثال آهي اڄ به سنڌ ۾مارئي جو ڪردار هڪ لافاني انتهائي احترام ۽ لازوال قرباني وارو ڪردار سمجهيو وڃي ٿو.

لطيف سائين جون لوڪ ڪها ڻيون محاورا پهاڪا چوڻيون استعارا اڄ به  سنڌين جي دلين تي اڪريل آهن.سندس مقبوليت جو راز عام جي زبان جي ترجماني ڪندڙ آهي.اڄ به پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل خاص طور تي سنڌي عورت پنهنجي جذبن جي اظهار لاءِ لطيف جي ٻولي جو سهارو وٺي ٿي. ڪيترن جي وات  مان لطيف سائين جون شاهڪار سٽون عام طور تي ٻڌبيون ۽ پڙهبيون رهن ٿيون جيئن

الله ڏاهي م ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن

اي نه مارين ريت جي سيڻ مٽائين سون تي

اچو  سورن واريون ڪريون سور پچار

سنهي سئيءَ سبيو مون مارن سين ساهه

پکن جي پريت ماڙين سين نه مٽيان

ادي آءَ اڻ ڄاڻ جو ســڱ سڃاڻي نه ڪيو

ستر ڪر ستار آئون اگھاڙي آهيان

لطيف جي شاعريءَ جي اها وڏي ۾وڏي خوبي آهي جو جيڪو لکي پڙهي نه به ڄاڻندو ته اهو به سندس ڪلام جون سٽون پيو جهونگاريندو اهي سٽون جن مان وطن جي حب، وطن تان سر گھورڻ، قومي غيرت،توڙي سورهيائي جي نشاندهي ٿيندي هجي. شاعري ۾ هاري ناري،ڪڙمي ڪاسبي،۽ عشقيه ۽ لوڪ داستانن جهڙوڪ عمر مارئي سسئي پنهون ليلاچنيسر سهڻي ميهارجي ڪردارن کي تمام سولي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ ٻولي ۾ اثرائتي نموني سان بيان ڪيوويو آهي.اهو سبب آهي جو شاهه  سائين سنڌ جو قومي ۽ هر دور يعني اڄ جو شاعر به آهي.شاهه جي شاعري ۾ امن،آزادي،انسانيت،جوپيغام سمايل آهي.جيڪو هن دور جي ضرورت به آهي ته پرامن ۽ ڀائيچاري واري دنيا لاءِ اهم به آهي.لطيف جي سوچ عالمي ۽ آفاقي آهي. اڄ کان ٽي سو سال اڳ به عالمي امن، آجپي،سنڌ جي خوشحالي ۽ آزادي کي سڄي دنيا سان ڀيٽيو اٿائين. .لطيف پنهنجي وطن سنڌ جي سڪار جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ ان وقت هو سموري عالم کي آباد ڪرڻ جي به  ڳالهه ڪري ٿو.اها سوچ ۽ فلاسافي کيس سموري دنيا ۽ انسانذات جو ترجمان شاعر بڻائي ٿي. جنهن جي سوچ عالمگير ۽ دنيا کي امن ،پيار ۽ سک ۽ هميشه آباد هجڻ واري سوچ هئي.لطيف جي اها فلاسافي ۽ فڪر روشن خيالي جو عڪس آهي جيڪا سندس ڏاهپ جي پيڪر آهي. سڄي عالم جي خوشحاليءَ لاءِ ڪيل دُعا، لطيف جو اهو عالمي نظريو آهي، جيڪو سيڪيولر صوفي ازم جي روشنيءَ ۽ عظمت جو کليل ثبوت آهي جيڪا عالم لاءِ چيل دعا کيس دنيا جي وڏن شاعرن جي صف ۾ بيهاري ٿي.

لطيف سنڌ جي ماضي حال ۽ مستقبل جو شاعر رهيو آهي. سندس شاعري ۽ فلسفي کان سواءِ سنڌ توڙي سنڌ جو سمورو ادب اڻ پورو آهي. هو هر دور جو شاعر آهي. هن جي شاعري ۾ جدوجهد ۽ جستجو جو پيغام سمايل آهي.مسلسل جدوجهد سان ئي سوڀ ماڻي سگھجي ٿي سندس  هر سر ۾ اهي مڙئي عنصر ملندا جيڪي انساني ڪاميابي لاءِ ضروري ۽ اهم آهن.شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري جا اڄ به برزبان ياد حافظ سنڌ توڙي هند ۾ موجود آهن ، سندس شاعري وارو فڪر اڄ به موجوده سنڌ سان سلهاڙيل آهي.ان جي فڪر ۽ فلسفي سان سماج ۾ تبديلي آڻي سگھجي ٿي. لطيف جي پوري عالم لاءِ ڪيل دعا جي اڄ جي دور ۾ وڏي اهميت ۽ افاديت آهي.  پوري دنيا ۾ سندس شاعريءَ کي دنيا جي ٻين بين الاقوامي ٻولين ۾ ترجمو ڪري  پوري عالم تائين پهچائي سندس عالم سڀ آباد ڪرين واري پيغام کي اجاگرڪري سگھجي ٿو.ڇاڪاڻ ته سندس فلسفو ۽ شاعري پوري عالم جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ مفيد ۽ ڪارآمد ثابت ٿي سگھي ٿي.

[email protected]