لتا منگيشڪر جي طبيعت هڪ ڀيرو ٻيهر خراب، وينٽي ليٽر تي منتقل

0
179
لتا منگيشڪر جي

ڪراچي (م ڊ) ليجنڊ بالي ووڊ ڳائڻي لتا منگيشڪر جي طبيعت هڪ ڀيرو ٻيهر خراب ٿي وئي آهي جنهن کانپوءِ کيس ٻيهر وينٽي ليٽرتي منتقل ڪيو ويو آهي

ڀارتي ميڊيا موجب 92 ورهين جي ڳائڻي کي ڪورونا وائرس سبب 9 جنوري تي ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي سندس علاج هلندڙ هو پر هاڻي سندس حالت ٻيهر خراب ٿي وئي آهي

92  ورهين جي لتا منگيشڪر کي جنوري ۾ نمونيا جي تشخيص ٿي هئي، گلوڪاره جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر پريت صمداني جو چوڻ هو ته لتا هن وقت آءِ سي يو ۾ آهي ۽ سندس حالت خراب ٿيڻ سبب کيس وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي

 

ھي به پڙھندا

راج ڪندرا ڪروڙين رپين جي ملڪيت زال شلپا جي نالي ڪري ڇڏي