حڪومت مان جان ڇڏائڻ لاءِ آئيني، قانوني ۽ سياسي آپشن استعمال ڪنداسين: ن ليگ/ پ پ

0
169
حڪومت مان جان ڇڏائڻ لاءِ آئيني، قانوني ۽ سياسي آپشن استعمال ڪنداسين: ن ليگ/ پ پ
حڪومت مان جان ڇڏائڻ لاءِ آئيني، قانوني ۽ سياسي آپشن استعمال ڪنداسين: ن ليگ/ پ پ

لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا آئيني، قانوني ۽ سياسي آپشن استعمال ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي

پ پ قيادت سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته حڪومت خلاف سمورا آئيني، قانوني ۽ سياسي آپشنز کي استعمال ڪيو ويندو، اسان طئي ڪيو آهي ته ڪجهه ڏينهن ۾ ن ليگ جي سينٽرل ايگزيڪٽر ڪميٽي کان مشاورت ڪري اسان جي اتحاد پي ڊي ايم ۾ هن مامري کي کڻي وينداسين، مشاورت کانپوءِ گڏجي حڪمت عملي جو اعلان ڪنداسين

هن چيو آهي ته ملڪ ۾ تباهي ۽ بربادي کانسواءِ ڪا به شئي نظر نٿي آهي، ملڪ ۾ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، عوام حڪومت کان تنگ اچي چڪي آهي

هن چيو آهي ته عمران نيازي جي دور ۾ کربين روپيا قرض ورتا ويا، نواز دور جي منصوبن تي هي تختيون لڳائي رهيا آهن

ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز جي ذريعي آصف زرداري جو نواز شريف سان به رابطو ٿيو آهي

ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان کي هٽائڻ لاءِ هر قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون، ماضي جي اختلافن باوجود اسان گڏ آهيون، پاڪستان کي بچائڻو آهي عمران کي ڪڍڻو آهي

هن کان اڳ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري پنهنجي پٽ بلاول ڀٽو سان گڏ ماڊل ٽائون پهتو ته ن ليگ قيادت سان ملاقات ڪئي، جتي شهباز شريف، مريم نواز ۽ حمزه شهباز سندن استقبال ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي خواجا سعد رفيق ۽ مريم اورنگزيب به موجود هئا

ھي به پڙھندا

آصف زرداري ۽ بلاول جي ن ليگ قيادت سان اهم ملاقات جاري