ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ 2021ع ۾ نوان رڪارڊ قائم ٿيا آهن، ليگ جي چيمپئن ملتان سلطانز پهريون ڀيرو فائنل ۾ پهتي هئي، ان کان اڳ ٽيم فائنل کان اڳ ئي شڪست کائي گهر موٽي ويندي هئي، ڪورونا سبب ايونٽ ملتوي ٿيڻ بعد ابوظهبي ۾ ٻيهر شروعات ۾ نوجوان رانديگرن کي موقعو مليو، جن ۾ لاڙڪاڻي واسي شاهنواز ڏاهاڻي به شامل آهي، جنهن ملتان سلطانز جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، چيمپئن ٿيڻ بعد ملتان سلطانز فرنچائز جي مالڪ توڙي رانديگرن جو چوڻ آهي ته لاڳيتو پنج سال شڪست کانپوءِ ڪاميابي جو مزو ئي پنهنجو آهي، واضح رهي ته 2016 ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪامياب ٿي، 2017ع ۾ پشاور زلمي، 2018ع ۾ وري اسلام آباد 2019ع ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز، 2020ع ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ 2021ع ۾ ملتان چيمپئن بڻي.