لاڪ ڊائون جو مطلب ماڻهن کي بُک تي رکڻ آهي، لاڪ ڊائون ڪري ملڪي معيشت کي تباهه ناهي ڪرڻو:وزيراعظم

0
322
وفاقي سرڪار عمران خان

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ لاڪ ڊائون جو مطلب ماڻهن کي بُک تي رکڻ آهي، لاڪ ڊائون ڪري ملڪي معيشت کي تباهه ناهي ڪرڻو، سوچيل سمجهيل قدمن سان صورتحال مان نڪرڻو پوندو، وزيراعظم عمران خان عوام سان ٽيليفون تي لائيو ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو تھ سنڌ حڪومت جي ڪوشش هئي ته لاڪ ڊائون ڪريون، سنڌ سرڪار کي رڳو ايترو چئون ٿا ته لاڪ ڊائون ڪرڻ وقت ماڻهن جي بُک ۽ ڏکيائين کي ذهن ۾ رکو، لاڪ ڊائون سان غريت ۽ پورهيت طبقو متاثر ٿئي ٿو، غريبن تائين خوراڪ پهچائڻ جا وسيلا ئي نه آهن ته لاڪ ڊائون ڪيئن ٿا لڳائي سگهون، ڀارتي ويريئنٽ ڊيلٽا سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، ٻارن ۽ استادن کي ويڪسين لڳائڻ تائين تعليمي ادارا نه کولڻ گهرجن، ڪورونا جو هڪ ئي علاج آهي ته ويڪسين لڳرايو، حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته ويڪسين جي ڪابه کوٽ نه ٿئي.