ڪراچي: قائد آباد ۾ اي وي ايل سي جي ڪارروائي، جعلي اهلڪار گرفتار

0
238
ڪراچي: پوليس مقابلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اينٽي ويڪل لفٽنگ سيل لياقت آباد نمبر 10 ۾ ڪارروائي ڪري آءِ جي سنڌ ميڊيا سيل جي جعلي پوليس اهلڪار کي گرفتاري ڪري ورتو، ايس ايس عارف اسلم جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار وجاهت علي ٻانڀڻ جعلي صحافتي اداري سان واڳيل آهي، جوابدار مختلف ماڻهن کي فون ڪي پاڻ کي سينٽرل پوليس آفيس ميڊيا سيل جو اهلڪار ظاهر ڪري ٿو، جعلي رپورٽر وجاهت شهري سان رابطو ڪري هڪ لک 30 زهار روپيا گهرايا ها، ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته شهري جو ڪجهه عرصو اڳ ڪار چوري ٿي هئي، جوابدار شهري کي چيو ته توهان جي ڪار نواب شاهه کان ملي وئي، ڪار واپس ڏيارڻ جي لاءِ ڏيڍ لک روپيا رشوت طلب ڪئي ۽ هڪ لک 30 هزار تي مامرو طئي ٿيو، ايس ايس پي اي وي ايل سي جو چوڻ آهي ته جوابدار پاڻ کي پوليس اهلڪار به ظاهر ڪري ٿو، جوابدار جي موجب هن دوستن سان گڏجي ميڊيا چينل ٺاهيو، جوابدار جي خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.