جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد شھر جون رونقون بحال، شهرين عيد خريداري لاءِ بازارن جو رخ ڪري ورتو، مارڪيٽن ۾ رش وڌي وئي، خبر موجب عيدالفطر ويجهو اچڻ بعد جيڪب آباد ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن عيد خريداري لاءِ بازارن جو رخ ڪري ورتو آهي، خاص ڪري سرڪاري ۽ خانگي ملازمن کي پگهارون ملڻ بعد ٻاڙائي ۾ ورتل بازارن ۾ رش وڌڻ شروع ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ شھر جي مختلف بازارن بانو بازار، صرافه بازار، ڪپڙا مارڪيٽ، شاھي بازار، طارق روڊ سميت ٻين ڪاروباري ھنڌن تي ماڻهن جو وڏو انگ خريداري ڪرڻ لڳو آهي. ان سلسلي ۾ دوڪاندارن وڪي ڪمار، جيش تلسي، ونود ڪمار، عبدالله گھڃو، راجڪمار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته بازارن ۾ رش وڌڻ لڳي آهي، هنن چيو ته بازارن ۾ ياس او پيز تي مڪمل عمل ڪيو پيو وڃي، هوڏانهن خريدارن جو چوڻ آهي ته حڪومت ڪنھن به وقت لاڪ ڊائون ڪري سگهي ٿي، ان لاءِ عيد خريداري ۾ تڪڙ ڪري رھيا آھيون، جيئن بعد ۾ مشڪلاتون پيش نه اچن.