لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ مارڪيٽ پوليس وڪيل اسد الله سومرو کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان مارڪيٽ پوليس جو چوڻ آهي ته وڪيل جو پنهجي ڀائرن سان ذاتي معاملو آهي، جنهن جي رپورٽ حيدري ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي هئي، هوڏانهن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته گرفتار وڪيل ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ شادي شده ناري کي گهران ڀڄائي کيس ڪراچي ۽ مختلف هنڌن تي رکي ساڻس ناجائز لاڳاپا رکيا هئا ۽ وڪيل مٿان اهڙو ڪيس پڻ حيدري ٿاڻي تي داخل آهي، جنهن ۾ زنا جي ارادي سان اغوا جا قلم شامل آهن، جنهن تي سندس ڀاءُ ۽ ٻيا گهر ڀاتي ناراض هئا، ڪالهه وڪيل جي ڀاءُ جي شڪايت تي پوليس کيس گرفتار ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ مارڪيٽ پوليس کان تفصيل وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پوليس ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس وڪيل سان ڏيتي ليتي تي معاملو حل ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن ڪري ميڊيا کي تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو.