هالا (ن پ ا) هالا شهر جي شهدادپور چوڪ وٽ مخدوم جميل الزمان جي پروٽوڪول ۾ شامل پوليس موبائيل تيز رفتاري سبب موٽرسائيڪل سوارن کي ٽڪر هنيو، نتيجي ۾ هالا کان پنهنجي ڳوٺ ڳنڀير ڏانهن ويندڙ موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا انور ۽ شاهه رخ ڳنڀير سخت زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي ماڻهن پاران تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي 45 ورهين جي انور ولد جعفر ڳنڀير زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، ٻي طرف فوتگي جي اطلاع تي نوجوان جي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن مخدوم جميل الزمان سندس پوليس پروٽوڪول جي موبائيل ڊرائيور تسليم راجپوت جي لاپرواهي سبب انور ڳنڀير جي فوت ۽ شاهه رخ ڳنڀير جي زخمي ٿيڻ جو نوٽيس ورتو، جميل الزمان حادثو ڪندڙ پوليس موبائيل ڊرائيور تسليم راجپوت کي گرفتار ڪرائي هالا پوليس حوالي ڪرائي ڇڏيو آهي، ان حوالي سان جميل الزمان چيو ته واقعي تي افسوس آهي، لاپرواهي ڪندڙ ڊرائيور خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.