ڪنري (ن پ ا) ڪنري لڳ 14 ورھين جي نينگري مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي، مڙهه اسپتال منتقل، ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي. ڪنري لڳ ٽوڀان شاخ جي ڳوٺ حاجي نثار آرائين ۾ 14 ورھين جي نينگري ڀاڳونتي ڌيءُ لڇمڻ ڪولھي پنھنجي گھر جي اندر ڪمري جي ڇت ۾ رسو ٻڌي مبينا ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع تي ڪنري پوليس پھچي نينگريءَ جي مڙهه کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو. نينگريءَ جي والد جو چوڻ ھو ته اسان سمورا گھر ڀاتي گھر ۾ موجود ھئاسين ۽ ٻن پھرن جي ماني کائي سمھي رھياسين ته ڀاڳونتي ڪپڙا ڌوئڻ بعد اوچتو خودڪشي ڪري ڇڏي، ھن ٻڌايو ته گھر ۾ ڪوبه جھيڙو وغيره ڪونه ھو، نه ئي ڪا شڪايت ۽ مسئلو ھو، خبر ناهي ھن آپگھات ڇو ڪيو آھي. ھوڏانھن مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.