اڳڙا (ن پ ا) دڪاندارن جعلي نوٽن سميت نوجوان کي پڪڙي اڳڙا پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، زبير علي شاهه پاڻ کي سوڀوديرو جو رهواسي ٻڌائي پيو، سندس چوڻ آهي ته هو مال جو واپاري آهي کيس به جعلي نوٽ لڳي ويا آهن. اڳڙا پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته زبير علي شاه خلاف وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون ڪابه ثابتي ٿيڻ بعد سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.