لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) قمبر شهدادڪوٽ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ٻن ڀائرن معشوق ۽ نادر جمالي جي وارثن پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺ بچل مهيسر جي رهواسين آمنه خاتون جمالي، ظفرالله، احمد علي، محمد علي، زهره بتول ۽ ٻين دانهيو ته معشوق ۽ نادر جمالي ڪراچي ۾ لوهي سرين جو ڪم ڪري گهرڀاتين جو پيٽ پاليندا آهن. هنن الزام لڳايو ته گذريل 14 جولاءِ تي مهي مڪول پوليس ٻنهي ڀائرن کي ڪراچي جي پپري واري علائقي مان گرفتار ڪري ميروخان ۽ مهي مڪول ٿاڻن جي حدن ۾ ڪوڙي مقابلي ۾ زخمي ڪيو، جن مان نادر جمالي جي گرفتاري ظاهر ڪري کيس اسپتال داخل ڪرايو ويو جڏهن ته پوليس معشوق جمالي جي گرفتاري ظاهر ناهي ڪئي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.