ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مختلف واقعن ۽ حادثن ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت، ان ڏس ۾ مائي ڪولاچي روڊ تي بحريا ڪاليج وٽ روڊ حادثي ۾ 24 ورهين جي بسمه ڌيءِ ڪريم فوت ٿي وئي. جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته بلديه ٽائون 3 نمبر ۾ مصطفيٰ مسجد وٽ ڪرنٽ لڳڻ سبب 35 ورهين جو حسين پٽ امام بخش فوت ٿي ويو، ٻئي طرف سپرهاءِ وي بحريا ٽائون وٽ ڪرنٽ لڳڻ سبب 20 ورهين جو نظير ولد وزير فوت ٿي ويو