گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ۾ خيرپور ضلعي جي مير علي مراد جي نالي سان منصوب مراد هاءِ اسڪول گمبٽ مان تعليم پرائي ويندڙ مرادين اولڊ بوائز ايسوسيئيشن گمبٽ طرفان جي او سي پنوعاقل غلام شبير ناريجو جي اعزاز ۾ گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنس جي ڪانفرنس هال ۾ هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سيڪريٽري ايجوڪيشن سنڌ احمد بخش ناريجو، آءِ بي اي سکر جو وائيس چانسلر مير محمد شاهه، ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي، اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري محمد جمن ڄامڙو، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جواڳوڻو ڊائريڪٽر ۽ چيف مينيجر محمد عثمان ناريجو ۽ ٻين مرادين اولڊ بوائز سميت استادن ۽ رٽائرڊ آفيسرن سميت صحافين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سيڪريٽري تعليم احمد ناريجو ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گمبٽ جي مراد هاءِ اسڪول کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن. جنهن ڪري جلد ئي مراد هاءِ اسڪول جي نئين عمارت جوڙائي ويندي. ان موقعي تي آءِ بي اي سکر جي وائيس چانسلر مير محمد شاهه چيو ته ايم او يو معاهدي بعد مراد هاءِ اسڪول گمبٽ ۾ اسان جو مئنيجر مقرر هوندو، جيڪو اسڪول جي نظرثاني ڪندو ۽ نئين داخلا پڻ ڏني ويندي، تقريب کي خطاب ڪندي جي او سي پنوعاقل غلام شبير ناريجو چيو ته آئون پاڻ مراد هاءِ اسڪول جو اولڊ اسٽوڊنٽ آهيان، مراد هاءِ اسڪول کي آءِ بي اي سکر حوالي ڪرڻ سان خوشي ٿي رهي آهي،ان موقعي تي گمس ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽيءَ، مرادين تنظيم جي چيئرمين محمد جمن ڄامڙو، محمد عثمان ناريجو سيڪريٽري تعليم، جي او سي پنوعاقل ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گمبٽ ۾ ملٽري ڪاليج ڏنو وڃي، مراد هاءِ اسڪول سميت تعلقي جي مڙني اسڪولن ۾ سولر سسٽم جي سهولت ڏني وڃي ۽ ڊجيٽل لائبريري سميت بند پيل اسڪول کولرايا وڃن. پروگرام جي شروعات ۾ مراد هاءِ اسڪول ۾ سينيئر استاد مرحوم محڪم الدين پنهور جي نالي سان منصوب لائبرري جو جي او سي پنو عاقل،سيڪريٽري تعليم ۽ ڊائريڪٽر گمس گڏجي افتتاح ڪيو.