لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ سوئي سدرن گيس ڪمپني جي برطرف ملازمن ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي اٺين ڏينهن به بحالي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي رياض جمالي، الطاف سرهيو، ارشد ڀٽو، عبداللطيف، منور علي کوکر، ، شاهد ڇڄڙو، غلام محمد، شير  محمد ابڙو، رفيق احمد شيخ، شاهد ابڙو، غضنفر لاهوري، غلام عباس بلوچ، غلام حيدر سولنگي، اطهر گوپانگ، ممتاز ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي سال 2008ع ۾ اقتدار ۾ آيل حڪومت قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان سوئي گيس سميت مختلف وفاقي کاتن جي برطرف ملازمن جي بحالي لاءِ آرڊيننس پاس ڪرائي هزارين ملازمن کي بحال ڪري ڇڏيو هو، سوئي سدرن گيس ڪمپني طرفان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آڙ ۾ 16 هزار ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. هنن وزيراعظم عمران خان سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته سوئي گيس جي برطرف سمورن ملازمن کي بحال ڪري بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي.