لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي سينئر وڪيل نوشاد ٽڳڙ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ۾ هڪ پٽيشن داخل ڪندي چيئرمين اينٽي ڪرپشن، ڊي سي لاڙڪاڻو، سوئي گيس، پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ ۽ ميونسپل عملدارن کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ته يوسي 10 حسنين رضا ڪالوني ۾ سالن کان وٺي روڊ، رستا، گهٽيون، ڊرينيج، سوئي گيس توڙي ٻين سهولتن جي کوٽ آهي، مختلف وقتن تي ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي طرفان شهر جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا پر يوسي 10 جي حسنين ڪالوني کي نظرانداز ڪيو ويو، جنهن ڪري حسنين رضا ڪالوني ۾ گئس ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن جڏهن ته مختلف وقتن تي جاري ٿيندڙ ترقياتي ڪمن ۾ ٿيل گهوٻين جي اينٽي ڪرپشن چيئرمينن کان ڪرائي وڃي جڏهن ته پٽيشن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته 2020 ۾ لوڪل گورنمينٽ طرفان حسنين رضا ڪالوني ۾ پيور بلاڪ، سي سي ڊرين لاءِ هڪ ڪروڙ 10 لک روپين جي اسڪيمن منظور ڪئي وئي هئي جنهن جي پڻ جاچ اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين کان ڪرائي وڃي ته اها ڪٿي خرچ ڪئي وئي. اهڙي پٽيشن عدالت منظور ڪندي چيئرمين اينٽي ڪرپشن، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو، سوئي گيس جي جنرل مئنيجر، ريجنل مئنيجر، ايڪسي اين پبلڪ هيلٿ ۽ ميونسپل عملدارن کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 18 نومبر رکي ڇڏي.