فيض گنج  (ن پ ا)  فيض گنج تعلقي جي 148 ليڊي هيلٿ ورڪرن کان مبينا طور تي صحت کاتي جي سپروئزر ذريعي  ڊي ڊي ايچ او پاران ٽي هزار رپيا غير قانوني رشوت وصول ڪرڻ جو انڪشاف هڪ ليڊي هيلٿ ورڪر جو آڊيو  وائرل. فيض گنج ٻه  ڏينهن اڳ ۾ سرڪاري اسپتال ڪرونڊي ۾ سپروئزرن پاران گڏجاڻي ڪوٺائي ڊي ڊي ايچ او خيرپور ڊاڪٽر ڪنول گاجاڻي کي گهرائي ليڊي هيلٿ ورڪرز کان پئسن جي اوڳاڙي ڪئي وئي پئسا نه ڏيندڙ ليڊي هليٿ وڪرز جون پگهارون بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي پئسا وصول ڪيا ويا . فيض گنج  هڪ ليڊ هليٿ ورڪر ميڊيا اڳيان نه اچڻ واري شرط بعد  سوشل ميڊيا تي آڊيو بيان وائرل ڪندي چوي ٿي ته اسان کي ڪرونڊي ۾ سپروائيز فيروز لاشاري ۽ سپر وائيزر ڇٽڻ گهرائي 3 هزار رپيا في ليڊي هليٿ ورڪرز کان طلب ڪيا نه ڏيڻ جي صورت ۾ پگهارون بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هن جو چوڻ آهي ته برسات سبب گهر ڪري پيا مال مري سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو پوءِ به اسان کان پئسا ورتا ويا آهن  هن چيوته ميڊيا تي وڃڻ کان به روڪيو ويو چيو ويو ته جيڪا به ميڊيا تي ويندي ان جي نوڪري ختم ڪئي ويندي اسان مجبور ٿي پئسا ڀريا آهن ميڊيا سامهون ايندس ته نوڪري ويندي هلي هن ڊي جي صحت سميت لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي جاچ ڪرائي اسان جي جان ڇڏائي ڪرپشن ختم ڪرائي وڃي. فيض گنج  ليڊي هليٿ ورڪر جو سوشل ميڊيا تي آڊيو وائرل ٿيڻ بعد ڊي ايچ او خيرپور معاملي جو نوٽيس ورتو  ان سلسلي ۾ ڊي ايچ او رحمت الله سولنگي جو چوڻ آهي ته وائيس ٻڌو آهي  معاملي بابت جاچ ڪيون ٿا ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.