دادو (رپورٽر) تعليم کاتي دادو پاران نيب کي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ گهربل عابد علي کوسو کي پي ايس ٽي جو آفر آڊر ڏنو ويو آهي، ڊائريڪٽر حيدرآباد جي صحيح  ٿيل آفر آڊر ڊي او دادو غلام سرور ٻٻر عابد علي کوسو حوالي ڪيو آهي، خزانه آفيس حيدرآباد ۾ سال 2011 کان 2013 دوران اربين رپين جي ڪرپشن اسڪينڊل ۾ عابد کوسو جي اڪائونٽ ۾ هڪ ڪروڙ 15 لک رپيا منتقل ٿيا هئا، نيب اختيارين عابد علي کوسو کي پيش ٿيڻ لاءِ  3 ڀيرا نوٽيس جاري ڪيا هئا پر عابد علي نيب ٽيم آڏو پيش نه ٿيو ۽ نيب کي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ گهربل آهي، ڊي او المينٽري دادو غلام سرور ٻٻر ٻڌايو ته ٽيسٽ پاس ڪرڻ تي عابد کوسو کي آفر آڊر ڏنو آهي ، هاڻي کائنس سمورو رڪارڊ وٺنداسين جنهن ۾ مٿس ريفرنس داخل هئڻ جو ثبوت مليو ته کيس پوسٽنگ آڊر نه ڏينداسين