گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي ميمڻ محلا واسي نوجوان محمد اسماعيل سولنگي پوليس ۽ بااثرن جي مبينا ظلم  کان تنگ ٿي زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي. وارث نوجوان کي علاج لاءِ ريپڊ سينٽر کڻي پهتا جتي سندس علاج هلندڙ آهي. آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان اسپتال ۾ صحافين کي ٻڌايو ته بااثر جي چوڻ تي پوليس زبردستي گهر خالي ڪرائڻ چاهي ٿي غريب آهيون پوليس جي ظلم کان تنگ ٿي زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته ڪنهن به نوجوان کي تنگ ناهي ڪيو نوجوان زهريلي دوا پيتي آهي اهڙي معاملي بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي ڪنهن جي به گهر تي چڙهائي ناهي ڪئي.