ميهڙ: وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پاران باهه متاثرن جي سهائتا  جي اعلان کان پوءِ صوبائي صلاحڪار فياض علي ٻٽ جي قيادت ۾ ڊي سي دادو سان گڏ 8 سڙي فوت ٿيل معصوم ٻارڙن جي وارثن ۾ 5 لکن جا 8 چيڪ 3 زخمين لاءِ 2 لکن جا 3 چيڪ کڻي ڳوٺ فيض محمد چانڊيو پهتا جتي چيڪ سڙي فوت ٿيل ٻارن جي وارثن حوالي ڪيا ويا زخمين مان هن وقت جيڪي لاڙڪاڻي داخل آهن انهن جا چيڪ آندا ويا آهن فريدآباد پوليس به ابتدائي رپورٽ ۾ رڳو 3 زخمي ڄاڻايا آهن.