فريدآباد ۾ معصوم نينگر ڌامراهه واهه ۾ ٻڏي فوت

0
222
فريدآباد ۾ معصوم

 فريد آباد (ن پ ا) فريدآباد ۾ معصوم نينگر ڌامراهه واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويوم، فريدآباد جي شاھنواز ڪالوني ۾ معصوم نينگر نظام ولد صدام خاصخيلي گھر ڀرسان راند ڪندي ڌامراهه واھ ۾ ڪري پيو

گهر ڀاتين جي رڙين ۽ دانھن تي پاڙيسرين پھچي معصوم نينگر کي واھ مان ڪڍي فريدآباد جي نجي اسپتال پهچايو

اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽر معصوم نينگر کي چڪاسيندي چيو ته نينگر ڪجهه منٽ اڳ فوت ٿي چڪو آهي، نينگر جي فوت ٿي وڃڻ جي اطلاع ملڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو