عمران خان جي “ا ن سئونگ” يارڪر جي ڌمڪي

0
242
عمران خان جي “ا ن سئونگ” يارڪر جي ڌمڪي

 اسان جي ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي خلاف بيان ڏيڻ جو سلسلو ڪو نئون ناهي، عمران خان کان پھريان به ڪيترائي اڳواڻ اسٽيبلشمينٽ خلاف ڳالھائيندا رھيا آھن جيئن ھڪ اڳواڻ “ اينٽ سي اينٽ بجادينگي” جھڙو بيان ڏئي پنھنجي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون ھيون.

 عمران خان جيتوڻيڪ سڌو سنئون ڪنھن کي نه چيو پر سندس اھو چوڻ ته نيوٽرل مطلب غيرجانبدار ته جانور ھوندو آھي ان جو ردعمل ڪافي سخت آيو آھي ۽ ان جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آھن. نتيجن تي پوءِ ٿا ڳالھايون، پھريان ردعمل جي ڳالھه ڪيون ته موجوده صورتحال ۾ حڪومت سان سڌو سنئون ٽڪراءَ ۾ اپوزيشن  جماعتن جو سخت ردعمل سامھون آيو، جيئن مولانا فضل الرحمان چيو ته ھڪ ڏينھن پھريان ئي ڊي جي آءِ ايس پي آر واضح ڪيو ته اسان جو سياست سان ڪو واسطو ناھي سو عمران خان جو اشارو شايد انهي بيان ڏانهن هجي  ته نيوٽرل ته جانور ھوندو آھي. ڪجھه سينيئر تجزئي نگارن جو به اھو ئي خيال آهي ته عمران خان ادارن جي خلاف اھڙو بيان ڏنو آھي، ھاڻي عمران خان جو اھڙو سخت بيان ڪنھن جي لاءِ به ھجي پر سياست ۾ به ٽائمنگ تمام ضروري ھجي ٿي ته ڪھڙي وقت ۽ ڪھڙي ٻولي ۾ بيان ڏجي ٿو.

عمران خان جي ان “ بولڊ” بيان کي سياسي پنڊت ۽ تجزئي نگار ايئن ئي سمجھن ٿا ته اھو بيان عمران خان اسٽيبلشمينٽ خلاف ڏنو آھي ۽ ان جو کيس فائدي بجاءِ نقصان ئي ٿيندو جنھن جا اشارا اچڻ شروع ٿي ويا آھن. مثال طور حڪومتي اتحادين جا اپوزيشن سان سافٽ رابطا جنھن کي اسان حال احوال يا ڪچهريون چئون اھي ته ڪافي وقت کان ھلن پيا پر عمران خان جي “جانور نيوٽرل ھوندو آھي” واري بيان کانپوءِ حڪومتي اتحادين جا اپوزيشن سان سافٽ کانپوءِ ھارڊ رابطا شروع ٿي ويا آھن جنھن کي اسان چئون ته ھاڻي سڌي ڪچھري شروع ٿي وئي آهي ۽ امڪان چٽا ٿي رھيا آھن جھانگير ترين گروپ کانپوءِ ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان به ڪجھه ملڪي حالتون ۽ ڪجھه مجبورين جو ذڪر ڪري خان صاحب کان ڀاڪر پائي موڪلائينديون

باقي عمران خان کان الائ ڇو اھو وسري ويو آهي ته ڀلي ھڪ ئي ان سونگ يارڪر سان ٽي وڪيٽون ڪيرائي پر آئوٽ صرف ھڪ رانديگر ٿيندو آ ۽پچ جي ٻئي پاسي بيٺل رانديگر وڌيڪ محتاط ٿي کيڏندو آهي ۽ بالر کي ڏکيو ٿي لڳندو آهي.

عمران خان جي ڪجھه دوستن جن سان منھنجي ڳالھه ٻولھه به ٿي آھي انھن جو اھو خيال آهي ته خان صاحب“ فري ھٽ” سمجھي ڇڪو ھڻڻ جي ڪوشش ته ڪئي آهي پر بال ھن وقت ھوا ۾ آھي ۽ ڏسڻو اھو آھي ته اھو ڇڪو ٿو ٿئي يا بائونڊري تي ڪيچ آئوٽ ٿيندو.

دلچسپ ڳالهه اھا به آھي ته جنھن جلسي ۾ عمران خان اپوزيشن ۽ ٻين ڌرين بابت ڳالھايو ان تي اليڪشن ڪميشن به خان صاحب کي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 14 مارچ تي طلب ڪري ورتو آھي. ڇاڪاڻ جو ڪا به ايگزيڪٽو اٿارٽي انھن علائقن جو دورو يا جلسو نه ٿي ڪري سگھي جتي چونڊن جو اعلان ٿيل ھجي..

موجوده صورتحال ۾ عمران خان جو اوور ڪانفيڊنس لھجو، تنقيد ۽ ڌمڪيون ھن وقت تائين ته وفاقي حڪومت ۽ خان صاحب لاءِ سٺو ثابت ڪانه ٿيون آھن.